پير گل شاهه غازيءَ جو ميلو

پير گل شاهه غازيءَ جو ميلو: پير گل شاهه غازيءَ جو ساليانو ميلو 25 کان 28 رجب تي ڳوٺ فتح پور تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ قرآن خواني، مجلس عزا، راڳ رهاڻ، قوالي ۽ محفل موسيقي جي محفل رچائي ويندي آهي، جنهن ۾ ريديو ۽ ٽي ويءَ جا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ان کان علاوه ميلي ۾ ملاکڙو به ٿيندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا ملهه پهلوان حصو وٺندا آهن. ميلي ۾ مختلف شين جا اسٽال پڻ سجايا ويندا آهن، جن تي انعامي مقابلو رکيو ويندو آهي. هن ميلي ۾ چوپائي مال جو وڏي پيماني تي واپار ٿيندو آهي. هن ميلي ۾ هزارن جي تعداد ۾ آيل مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن، جن ۾ لنگر به تقسيم ڪيو ويندو آهي. هي ميلو ضلعي خيرپور وارن جي لاءِ تفريح جو بهترين ذريعو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو